تيونس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ريپبلڪ آف ٽيونيشيا

الجمهورية التونسية  (ٻولي؟)
République tunisienne  (French)
Flag of تيونس
{{{coat_alt}}}
جھنڊو قومي نشان
شُعار: 'حرية، ، عدالة، نظام
"Ḥurrīyah, 'Adālah, Niẓām"
"آزادي ، انصاف ۽ ترتيب"[1]
ترانو: حماة الحمى
Humat al-Hima
Defenders of the Homeland
مڪانيت  تيونس  (تيز نيرو) نقشو آفريڪا  (ھلڪو نيرو)
مڪانيت  تيونس  (تيز نيرو)

نقشو آفريڪا  (ھلڪو نيرو)

جو مقامتيونس
گادي جو هنڌ تيونس سٽي
36°49′N 10°11′E / 36.817°N 10.183°E / 36.817; 10.183
سڀ کان وڏو شهر تيونس سٽي
دفتري ٻوليون عربي ٻولي [2]
مقامي ٻوليون
نسلي گروھ عرب (40%[8] ), بربر (1%[9] ), يورپي (1%),[8] ترڪ ,[10] يھودي۽ ٻيا(1%)[8]
مذهب اسلام (رياستي مذھب ; 96% سني اسلام )[8]

ٻيا مذھب ( 3 سيڪڙو جن ۾ شامل آهن عيسائي، يھودي، شيعا اسلام, بھائي

)۽ لامذھب 1%
مقامي آبادي ٽيونيشن (سنڌي ۾ : تيونيشيائي يا تيونسي)
حڪومت وحداني نيم صدارتي

ريپبلڪ

[11][12]
• صدر
بيجي سعيد عيسيبسي
يوسف چھيد
مقننه اسيمبلي آف ريپريزنٽيٽوز
قيام جي تاريخ
814 ق.م.
15 جولاءِ 1705
• فرانس کان آزادي
20 مارچ 1956
• ريپبلڪ جو قيام
25 جولاءِ 1957
• تيونس ۾ انقلاب
14 جنوري 2011
پکيڙ
• جملي
163٬610 km2 (63٬170 sq mi) (91st)
• پاڻي (%)
5.0
آبادي
• 2016 اندازو
11,304,482[14] (79th)
•  گھاٽائي
63 /km2 (163.2 /sq mi) (133rd)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$144.195 ارب ڊالر[15]
• في سيڪڙو
$12,588[15]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$40.455 ارب ڊالر [15]
بيجي سعيد عيسيبسي
صدر 2014 کان وٺي پنجن سالن لاءِ
يوسف شھيد
وزيراعظم 2016 کان پنجن سالن لاءِ

تيونس(انگريزي: Tunisia) [19] عربي ٻولي: تونس About this sound Tūnis سرڪاري نالو ريپبلڪ آف تيونس[20] (عربي ٻولي: الجمهورية التونسية About this sound al-Jumhūrīya at-Tūnisīya ; {{lang-fr|République tunisienne ھڪ ملڪ جو نالو آهي جيڪو اتر اولهه آفريڪا ۾ واقع آهي جنھن جي پکيڙ 165٬000 ڪلوميٽرزچورس (64٬000 چورس ميل) آھي.ان جو علائقو ڪيپ اينجيلا آفريڪا جو اتر ۾ سڀ کان آخري ڇيڙو سڏبو آهي. ھن ملڪ جي اولھ، ڏکڻ اولھ ۾ الجيريا يا الجزائر ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ لبيا ۽ اتر اوڀر ۾ ميڊيٽرينين سمنڊ واقع آهي.

تاريخ[سنواريو]

ھن ملڪ جي تھذيب ھزارين سال پراڻي آھي . ھتي ڪارٿيج جي طاقتور رياست پڻ قائم ٿي.

ڪارٿيج جو نقشو
ڪارٿيج جا کنڊر


اٽلي ۽ فرانس جي تيونس ۾ مفادن جي ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ 1881 ۾ فرانس تيونس تي حملو ڪري کيس پنھنجي بيٺڪ بڻائي ڇڏيو. جنھن بعد آزادي جي تحريڪ شروع ٿي جنھن پھرين جنگ عظيم بعد شدت ورتي نيٺ 1956 ۾ فرانس تيونس کي ازاد ڪرڻ تي مجبور ٿيو. حبيب بورقيبہ ملڪ جو پھريون صدر ٿيو جنھن ملڪ ۾ ھڪ پارٽي واري رياست قائم ڪري 31 سال حڪومت ڪئي . ھن بنيادپرستيءَ کي دٻايو، عورتن کي ٻين عرب ملڪن جي برعڪس وڌيڪ حق ڏنا. نومبر 1987 ۾ بغاوت ذريعي بورقيبہ کي ھٽائي زين العابدين بن علي کي آندو ويو.

تيونس جي 14 جنوري 2011 جي انقلاب جو منظر

ملڪ جي معاشي حالتن خراب ٿيڻ تي پر تشدد مظاھرن جي نتيجي ۾ 14 جنوري 2011 تي بن علي جي حڪومت برطرف ٿي ۽ ھي ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو جنھن بعد قومي ٻڌي واري حڪومت قائم ٿي جنھن نئين آئين ساز اسيمبلي لاء آڪٽوبر 2011 ۾ اليڪشن ڪرائي جنھن بعد منصف انساني حقن جو علمبردار منصف مارزوڪي عارضي صدر چونڊجي آيو. اسيمبلي ملڪ جو نئون آئين ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو جيڪو مڪمل ڪري جنوري 2014 ۾ ان تي دستخط ڪري توثيق ڪئي وئي ۽ ساڳي سال نئين آئين تحت پارلياماني ۽ صدارتي اليڪشن ڪرائي وئي جنھن ۾ بيجي سعيد عيسيبسي 2014 کان 2019 تائين ملڪ جو صدر چونڊيو ويو[8].

جاگرافي[سنواريو]

وچ تيونس جي زميني پليٽ تي تئبوئرسئڪ ڀرسان ھڪ منظر

جاگرافيائي بيھڪ ۾ اٽلس جبلن جو اوڀر وارو ڇيڙو ھن ملڪ ۾ آھي ۽ صحارا ريگستان جو اتريون علائقو بہ ھن ملڪ سان لڳي ٿو. ھن ملڪ جي اڪثر زمين زرخيز آهي.ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ آفريڪا کنڊ ۾ 34 00 N, 9 00 E تي آھي. ملڪ جي پکيڙ 163,610 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 155,360 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 8,250 چورس ڪلوميٽر پاڻي آهي. پکيڙ ۾ دنيا اندر ان جو شمار 94 نمبر تي ٿئي ٿو. ملڪ جي خشڪي واري سرحد 1,495 ڪلوميٽر آهي جنھن مان 1034 الجيريا يا الجزائر سان مليس ٿي ۽ 461 ڪلوميٽر لبيا سان. بحري سرحد 1148 ڪلوميٽر اٿس جنھن سان سمنڊ اندر زميني علائقي جي دعویٰ 12 ناٽيڪل ميل ۽ ان سان ملندڙ زون جا وڌيڪ 24 ناٽيڪل ميل جنھن کان بعد 12 ناٽيڪل ميل ٻيا ملڪ جي مخصوص معاشي زون واري دعویٰ ۾ شامل آهن. ملڪ جي اتر ۾ علائقو جابلو آھي وچولو حصو خشڪ ۽ گرم ميداني علائقن ۾ شمار ٿئي ٿو. ڏاکڻو علائقو نيم بنجر آھي جيڪو صحارا ريگستان جو حصو آھي. ملڪ جي سراسري بلندي 246 ميٽر آھي. سڀ کان ھيٺاھون مقام شط الغارسہ آھي جنھن جي بلندي 17 ميٽر آھي. سڀ کان بلند ترين مقام جبل اش شامبي آھي جيڪو 1544 ميٽر اوچو آهي[8].

آبهوا[سنواريو]

اتر جي آبھوا ٽيمپريٽ اٿس جتي سيارو پوري ساري سردي وارو ۽ برساتي ٿيندو آهي ۽ اونھارو گرم ۽ خشڪ ٿئي ٿو. ڏکڻ پاسي ريگستاني علائقو گرم رھندو آھي[8].

معدنيات ۽ قدرتي وسيلا[سنواريو]

ھتي پيٽرول، فاسفيٽ,ڪچو لوھ، شيھو، جست، ۽ لوڻ ڪثرت سان ملندا آهن[8].

زراعت[سنواريو]

ملڪ جي پکيڙ جو 64.8 سيڪڙو زمين زرعي آھي جنھن مان 18.3 سيڪڙو پوکي لائق آھي ۽ 15.4 سيڪڙو تي مستقل پوک ٿيندي آهي. زرعي زمين جو 31.1 سيڪڙو مستقل چراگاھون ۽ 6.6 سيڪڙو ٻيلا آهن. ملڪ جي آبپاشي واري زمين 4590 چورس ڪلوميٽر آهي.ماڻھن جي آبادي جو وڏو حصو ملڪ جي اترئين اڌ ۾ رھي ٿو[8].

تيونسي ماڻهو[سنواريو]

آبادي جو اھرام يا مخروطي ماڊل
تيونس شھر جي ھڪ مسجد مان ماڻهو ٻاھر ايندي


2017 ۾ تيونس جي آبادي 11,403,800 ھئي ۽ آبادي ۾ ان جو شمار دنيا اندر 79 نمبر تي ھيو. ھتان جي ماڻھن جو 98 سيڪڙو عرب آھن، ھڪ سيڪڙو يورپي ۽ ھڪ سيڪڙو يھودي آھن.ھتان جي سرڪاري ۽ بازاري ٻولي ۾ عربي ۽ فرينچ ٻولي شامل آهن . ٻين ٻولين ۾ بربر بہ شامل آھي. ملڪ جي ماڻهن جو 99.1 سيڪڙو سني اسلام سان تعلق رکندڙ آهي باقي ۾ عيسائي، يھودي ۽ شيعا مسلمان شامل آهن[8].

تيونسي شاگرد ڪتابن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي

نالو[سنواريو]

ملڪ جو سڄو نالو جمھوريہ تيونس يا ريپبلڪ آف تيونس آھي پر عام طور تي تيونس يا انگريزي ۾ تيونيشيا سڏيو ويندو آهي. ملڪ جو نالو گاديءَ واري تيونس شھر تان پيو[8].

سياسي نظام[سنواريو]

ملڪ جو سياسي نظام پارلياماني جمھوريت آھي. حڪومت جي گادي تيونس شھر آھي جنھن جي جاگرافيائي بيهڪ 36 48 N, 10 11 E آھي. ملڪ ۾ صوبي کي ولايت چوندا آهن . اھڙي طرح ملڪ 24 ولايتن ۾ ورھايل آھي جن جا نالا آهن: بيجا، بن عروس، بزيرت ( بئنزارت)، گيبز (قيبس)، گافسا (قافسہ)، جيندئوبہ (جندوباہ)، ڪائروئان (قيراوان)، ڪئسرائن (القصريان), ڪيبلي(قبلي)، ڪيف ( ال ڪئف)، آريانا، مھديا ، منوبا، مدنين، منستير ، نيبول، صفاڪس، سدي بزيد، سليانا، سئوسہ، تتاوين، توزار، تيونس ۽ زاغوان[8].

ھتان جو قانوني نظام فرانس جي قانوني نظام جي بنياد تي جڙيل آھي. بين الاقوامي عدالت جي اختيار کي تسليم ڪندڙ ملڪ آھي. ملڪ جو پارلياماني جمھوريت آھي جنھن ۾ رياست جو سربراھ صدر ۽ حڪومت جو سربراھ وزيراعظم آھي. ھتان جي پارليامينٽ ھڪ ايواني آھي جنھن جو نالو ريپريزنٽيٽوز اسيمبلي آھي جنھن جون 217 سيٽون آهن جن مان 199 ميمبر سڌا اليڪشن ۾ چونڊجي ايندا آهن 18 ملڪ کان ٻاھر وارن مان پارٽي جي بنياد تي چونڊبا آھن. اسيمبلي پنج سالن لاءِ ڪم ڪندي آھي[8].

مذھب[سنواريو]

تيونس جي الزيتون مسجد

تعليم[سنواريو]

تيونس شھر جي صادقي ڪاليج
يونيسڪو جي انگن اکرن مطابق تيونس جو پڙھيل لکيل ماڻھن جي شرح 1985 کان 2015 تائين

حوالا[سنواريو]

  1. "Tunisia Constitution, Article 4" (PDF). 26 January 2014. وقت 9 February 2014 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 February 2014. 
  2. "Tunisian Constitution, Article 1" (PDF). 26 January 2014. وقت 9 February 2014 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 February 2014.  Translation by the University of Bern: "Tunisia is a free State, independent and sovereign; its religion is the Islam, its language is Arabic, and its form is the Republic."
  3. Arabic, Tunisian Spoken. Ethnologue (19 February 1999). Retrieved on 5 September 2015.
  4. "Tamazight language". Encyclopædia Britannica. 
  5. "Nawaat – Interview avec l’ Association Tunisienne de Culture Amazighe". Nawaat. 
  6. "An outline of the Shilha (Berber) vernacular of Douiret (Southern Tunisia)". 
  7. "Tunisian Amazigh and the Fight for Recognition – Tunisialive". Tunisialive. وقت 2011-10-18 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  8. 8.00 8.01 8.02 8.03 8.04 8.05 8.06 8.07 8.08 8.09 8.10 8.11 8.12 آرڪائيو ڪاپي, وقت 2012-10-14 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-10-25 
  9. Tej K. Bhatia, William C. Ritchie (2006). The Handbook of Bilingualism. John Wiley & Sons. p. 860. ISBN 0631227350. Retrieved 15 August 2017.
  10. UNESCO 2009, 9
  11. Frosini, Justin; Biagi, Francesco (2014). Political and Constitutional Transitions in North Africa: Actors and Factors. Routledge. p. 4. ISBN 978-1-317-59745-2. https://books.google.com/books?id=4FK2BQAAQBAJ&pg=PA4. 
  12. Choudhry, Sujit; Stacey, Richard (2014) "Semi-presidential government in Tunisia and Egypt" آرڪائيو ڪيا ويا 2016-02-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. International Institute for Democracy and Electoral Assistance. Retrieved 7 January 2016.
  13. https://en.m.wikipedia.org/wiki/Ancient_Carthage
  14. "National Institute of Statistics-Tunisia". National Institute of Statistics-Tunisia. وقت 4 September 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 September 2016. 
  15. 15.0 15.1 15.2 15.3 "Tunisia". International Monetary Fund. 
  16. "GINI index". World Bank. حاصل ڪيل 19 January 2013. 
  17. "2018 Human Development Report". United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 14 September 2018. 
  18. "Report on the Delegation of تونس.". Internet Corporation for Assigned Names and Numbers. حاصل ڪيل 8 November 2010. 
  19. Wells, John C., Longman Pronunciation Dictionary, Longman, ISBN 9781405881180 
  20. http://www.pm.gov.tn/pm/content/index.php?lang=en